لاهور (ڊيسڪ رپورٽ) لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس تي ٽرائل لاءِ خصوصي عدالت جي جوڙجڪ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهيءَ ۾ فُل بئنچ سنگين غداري ڪيس ۾ فُل بئنچ جي جوڙجڪ خلاف پرويز مشرف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ٻڌڻي بعد فيصلو ڏنو ۽ سنگين غداري ڪيس تي ٽرائل لاءِ خصوصي عدالت جي جوڙجڪ کي غيرآئيني قرار ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ ڪرمنل لا اسپيشل ڪورٽ ترميم ايڪٽ 1976ع جي قلم 4 کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 6 ماضيءَ جي قدمن سان لاڳو نٿو ٿئي. عدالت چيو آهي ته پرويز مشرف خلاف سنگين غداري جو ڪيس به قانون پٽاندڙ نه ٺاهيو ويو. واضح رهي ته خصوصي عدالت ڪجهه عرصو اڳ سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي هئي.