اسلام آباد(بيورو) ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي اعلان تي وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي ۽ رهندي.ياد رهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي ڪابينا کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. خالد مقبول صديقي ڏوراپو ڏيندي چيو ته اسان حڪومت سان واعدو ڪيو هو ته حڪومت ٺاهڻ ۾ اوهان جي مدد ڪنداسين.اسان پنهنجو واعدو پورو ڪيو پر ڏيڍ سال گذرڻ جي باوجود اسان جي هڪ نقطي تي به اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي. ان حوالي سان نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته خالد مقبول صديقي پنهنجي استعيفيٰ سڌو سنئون حڪومت ڏانهن ناهي موڪلي. فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته سڀاڻي وفاقي وزير اسد عمر ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو ۽ ان جا خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته هر پارٽي جو پنهنجو نقطو هوندو آهي پر ايم ڪيو ايم اسان جي اهم اتحادي پارٽي آهي ۽ رهندي. هن وڌڪ چيو ته وزيراعظم جو وزن آهي ته ڪراچي کي دنيا جي بهترين شهرين جيان سهوليتون ڏنيون وڃن.