گجرات ۾ گهر اندر باهه لڳڻ سبب ڇهه ڄڻا سڙي فوت

گجرات(م ڊ) گجرات ۾ ٿاڻي ڪڪرالي جي علائقي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب 6 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. ذريعن موجب گهر ۾ باهه جو واقعو ٿاڻي ڪڪرالي جي ڏوراهين ڳوٺ گوچهه ۾ پيش آيو.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته باهه جي اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ريسڪيو جون ٽيمون فوري طور تي موقعي تي پهچي ويون.ذريعن ٻڌايو آهي ته باهه لڳڻ جو واقعو صبح جو سوير پيش آيو. جنهن ۾ 6 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا. ڊي ايس پي گجرات جو چوڻ آهي ته کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ واقعي جي جاچ  ڪئي پئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *