لاهور (م ڊ)جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته اسان جو اصل سرمايو بئنڪن جا لِڪل خزانا نه پر نوجوان آهن.لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته هر ڏينهن اسلام آباد ۾ هڪ نئون اين آر او نظر ايندو آهي، حڪمران قوم کي مايوس ڪري رهيا آهن، پيغام ڏئي رهيا آهن ته ڪڏهن به پاڪستان پرسڪون نه بڻجندو.هن چيو ته پراڻو استحصالي نظام، ظلم، ڪرپشن ۽ سود جو نظام هڪ ڏينهن ختم ٿيندو، اسان جو اصل سرمايو بئنڪن جا لِڪل خزانا نه پر نوجوان آهن.