متحده جو سنڌ ورهائڻ وارو بل ايجنڊا مان خارج: حڪومت پاران سنڌي کي قومي ٻولي مڃڻ کان انڪار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ورهائڻ وارو ايم ڪيو ايم جو بل قومي اسيمبلي جي ايجنڊا مان خارج، حڪومت جو سنڌي کي قومي ٻولي مڃڻ کان انڪار، ٻولي وارو ڪاميٽي حوالي. ڪالهه ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس جي 239 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪئي وئي هئي، جنهن جي 10 نمبر تي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ڪشور زهرا، اقبال محمد علي، اسامه قادري، صلاح الدين، انجنيئر صابر حسين قائمخاني، سيد امين الحق پاران آئين جي آرٽيڪل هڪ، 51، 59، 106، 175 الف، 198 ۽ 218 ۾ سنڌ کي تقسيم ڪري ڏکڻ ۽ اتر سنڌ نالي صوبا قائم ڪرڻ جو بل شامل هو، ايجنڊا ۾ اهڙي بل کي موجود ڏسي سنڌ مان مختلف پارٽين جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ميمبر هڪ ٿي ويا، جن جي گڏيل ڪردار ۽ سرگرم ٿيڻ سبب اهو بل اسيمبلي ۾ پيش نه ٿي سگهيو، پي ٽي آءِ جي ميمبرن لال مالهي، جئي پرڪاش اڪراڻي، نزهت پٺاڻ، جي ڊي اي جي سائره بانو، ن ليگ جي کيئل داس ڪوهستاني، پيپلزپارٽي جي شازيه مري، سيد نويد قمر پاران قومي اسيمبلي جي اجلاس شروع ٿيڻ کان پهريان ئي اسپيڪر قومي اسيمبلي توڙي پارلياماني مامرن جي وزير سان رابطو ڪري واضح ڪيو ته اهو بل پيش ٿيڻ تي ايوان ۾ گوڙ ٿيندو، اهو بل پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، جڏهن ته حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جي ميمبرن لال مالهي، جئي پرڪاش اڪراڻي، جي ڊي اي جي سائره بانو پاران پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان کان علاوه ڪالهوڪي اجلاس جي صدارت ڪندڙ فخر امام سان به ان حوالي سان ڳالهايو، سنڌ مان چونڊيل ميمبرن جون اهي ڪوششون تڏهن ڪامياب ٿيون جڏهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ترتيبوار ايجنڊا تي ڪارروائي هلي رهي هئي ته ايجنڊا نمبر 9 کانپوءِ اجلاس جي صدارت ڪندڙ فخر امام ايم ڪيو ايم جي سنڌ کي تقسيم ڪرڻ واري ايجنڊا نمبر 10 تي موجود بل تي ڪارروائي ملتوي ڪئي، جنهن بعد ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهرا ان وٽ پهتي پر اهو بل پيش ڪرڻ جي ايم ڪيو ايم کي اجازت نه ملي سگهي. ياد رهي ته ايم ڪيو ايم پاران گذريل ڊسمبر مهيني ۾ مٿي ڄاڻايل بل قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو هو، جنهن کي ڪالهه ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو هو، بل جي متن ۾ سنڌ صوبي کي تقسيم ڪري ڏکڻ سنڌ ۽ اتر سنڌ نالي 2 صوبا قائم ڪرڻ، پنجاب کي تقسيم ڪري بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب نالي 2 صوبا، جڏهن ته ڪي پي ڪي کي تقسيم ڪري هزاره نالي ڌار صوبو ٺاهڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس مسلم ليگ (ن) جي کيئل داس ڪوهستاني سنڌي سميت پنجابي، پشتو، بلوچي، سرائيڪي، براهوي ۽ هندڪو کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو بل پيش ڪرڻ جي اجازت گهري ۽ چيو ته سنڌي سميت هن بل ۾ شامل ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ گهرجي، سنڌي تهذيب ۽ ٻولي 5 هزار سال جو ورثو رکي ٿي، انهن کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي، جنهن تي پارلياماني مامرن جي وزير علي محمد خان چيو ته ٻوليون اثاثو آهن، ان سان اتفاق ڪيان ٿو پر قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو مطلب ڇا آهي؟ هن بل تحت اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته قومي زبان رڳو هڪ اردو آهي، قومي زبان هڪ ئي هوندي آهي، جنهن تي پرزائيڊنگ آفيسر فخر امام پارلياماني مامرن جي وزير سان مخاطب ٿيندي چيو ته کيئل داس ڪوهستاني واضح طور تي وضاحت ڪئي آهي ته بل ۾ شامل ٻولين کي قومي ٻولي جودرجو ڏنو وڃي اوهان ان بل جي حمايت ڪيو ٿا يا مخالفت ڪيو ٿا، پنهنجي راءِ ٻڌايو، جنهن تي علي محمد خان چيو ته هن وقت ان بل جي مخالفت نه ٿو ڪيان ان کي ڪاميٽي ڏانهن اماڻيو وڃي، باقي قومي ٻولي ته هڪ ئي آهي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *