حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان متفق ناهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان متفق ناهي ڇو ته هي آئين جي آرٽيڪل 243 جي ابتڙ آهي.قومي اسيمبلي ۾ آرمي ايڪٽ ترميمي بل پاس ٿيڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي هن جو چوڻ هو ته ضروري ناهي عدالت جا سمورا فيصلا درست هجن پر پوءِ ان کي مڃڻو پوندو آهي.فواد چوڌري ٻڌايو ته 1956ع جي آئين ۾ آرمي چيف جي مدي جو تعين ڪيو ويو هو پر 1973ع جي آئين ۾ آرمي چيف جي مدي جو تعين ختم ڪيو ويو. هن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو هو جنهن کي مڃڻ ضروري آهي.وزيراعظم جي عهدي جو به احترام ڪرڻو آهي ۽ ان وٽ آرمي چيف جي مقرري بابت اختيار آهي. وفاقي وزير فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ آئين ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي. آرٽيڪل 243 جي تحت وزيراعظم ڪنهن به وقت آرمي چيف يا ڪنهن به فورس جي سربراهه کي هٽائي سگهي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *