آرمي ايڪٽ ترميمي بل ۾ اپوزيشن حب الوطني جو مظاهرو ڪيو آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار  ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته قومي اسيمبلي ۾ آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري جي معاملي تي اپوزيشن پارٽين حب الوطني جو مظاهرو ڪيو آهي.قومي اسيمبلي جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سياسي معاملن تي اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي. سياسي مخالف هڪ ٻئي تي تنقيد ڪندا رهندا آهن. پر وقت اچڻ تي سموريون سياسي پارٽيون قومي مفاد کي ترجيح ڏينديون آهن. سياسي پارٽين اهم قانونسازي ۾ بردباري ڏيکاري. پيپلز پارٽي پنهنجون سموريون تجويزون واپس وٺي حب الوطني جو ثبوت ڏنو.احتساب قانون ۾ ترميم بابت فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرپشن کان پاڪ ماحول مهيا ڪرڻ اولين قومي مفاد آهي. احتساب ملڪ ۽ قوم جي ضرورت آهي. هي پاڪستان جي طاقت ۽ قومي مفاد جو معاملو آهي. آئيني ۽ قانوني طريقي سان ڪم ڪرڻ حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي.بيگناهه ماڻهن کي احتساب کان ڊيڄارڻ جي ضرورت ناهي. عمران خان ادارن ۾ اصلاحات جو ايجنڊا کڻي آيو آهي. عوامي مفاد ۾ قانونسازي جمهوريت جو حسن آهي. اپوزيشن جون تجويزون قومي مفاد  ۾ ٿيون ته حڪومت کي ڪوبه اعتراض ناهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *