اسلام آباد(بيورو)احتساب عدالت مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنس ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ 22 جنوري جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.عدالت سمورن جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. احتساب عدالت جي جج اعظم خان ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي صدر جي ڀيڻ فريال ٽالپر عدالت ۾ پيش ٿي. ٻڌڻي دوران آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پنهنجي موڪل جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪندي چيوته آصف علي زرداري جو ڪراچي ۾ علاج جاري آهي. کيس ڪيتريون ئي بيماريون آهن. جنهن کان پوءِ عدالت طرفان چيو ويو ته پارڪ لين ريفرنس ۾ ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي. سمورا جوابدار حاضري يقيني بنائين.