اسلام آباد(بيورو) بچاءَ واري اسٽينڊنگ ڪميٽي هڪ ڀيرو ٻيهر آرمي ترميمي ايڪٽ جي يڪراءِ منظوري ڏئي ڇڏي.نيوي ۽ ايئرفورس ترميمي ايڪٽ جا بل به منظور ڪيا ويا. بچاءَ بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪمران جماعت جا ميمبرز شريڪ ٿيا.جڏهن ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ سوڌو ٻين اپوزيشن جماعتن جي ميمبرز به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ لاءِ آرمي ترميمي ايڪٽ جي هڪ ڀيرو ٻيهر يڪراءِ منظوري ڏني وئي.اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو ته آرمي ترميمي ايڪٽ وارو بِل اتفاق راءِ سان منظور ٿيو آهي، هو قوم کي واڌايون ڏئي ٿو ته سمورين جماعتن ٻڌي ڏيکاري، هاڻي آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس ترميمي ايڪٽس کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز خٽڪ چيو ته آرمي ترميمي ايڪٽ واري مامري تي سموريون ڌُريون هڪ پيج تي آهن، تنهن ڪري غلط فهميون نه پيدا ڪيو وڃن.پاڪستان سڀني جو ملڪ آهي ،فوج سان گڏ وعام سوڌو سياسي جماعتون گڏ بيٺل آهن. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي رميش ڪُمار چيو ته پيپلز پارٽي آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم پيش ڪئي هئي، جڏهن ته ٽنهي ايڪٽس ۾ ڪابه ترميم پيش نه ڪئي آهي.