مودي سرڪار  5 سئو ملين اقليتن جو وجود خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو مقابلو ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهندڙ مافيا سان آهي.وزيراعظم سان آمريڪي ورجينيا يونيورسٽي جي شاگردن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حڪومت جي سڌارن جي ايجنڊا ۽ معيشت کي پيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.وزيراعظم شاگردن سان ڳالهائيندي چيو ته 1960 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان تيز ترقي ڪندڙ ملڪ هو پر بدقسمتي سان معاشري ۾ ڪرپشن جي ناسور ملڪي ترقي جي عمل کي روڪي ڇڏيو، ماضي جي حڪومتن انساني وسيلن کي هٿي نه ڏني.هن چيو ته عام ماڻهو جي خراب حالت ۽ ايوانن ۾ ڪرپشن کي نظر ۾ رکندي سياست ۾ قدم رکيو، منهنجو مقابلو ان مافيا سان آهي، جيڪا ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ وجهي رهي آهي، وڏو چئلينج ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ۽ تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ آهي.سندس چوڻ هو ته ڀارتي حڪومت جي پاليسين سان خطي جي امن کي خطرا پيدا ٿي ويا آهن ۽ ڀارتي عوام جي سڃاڻپ خطري ۾ پئجي وئي آهي، مودي سرڪار 5 سئو ملين اقليتن جي سڃاڻپ ۽ وجود خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *