ڀارت ۾ انتها پسندن جو نهرو يونيورسٽي تي حملو، ويهه شاگرد ۽ استاد تشدد سبب زخمي

نئين دهلي(م ڊ) ڀارت ۾ انتهاپسندن تعليمي ادارن کي به نه ڇڏيو. مليه جي يونيورسٽي کان پوءِ جواهر لال نهرو يونيورسٽي جي شاگردن ۽ استادن مٿان سخت تشدد. آر ايس ايس جي شدت پسندن  شاگردن يونين جي صدر جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو. واقعي ۾ 20 ماڻهو زخمي به ٿيا. ان حوالي سان بالي ووڊ جي اداڪاره سوارا بهاسکر صورتحال بيان ڪندي روئي ڏنو.ياد رهي ته مليه يونيورسٽي کان پوءِ جواهر نهرو يونيورسٽي به اڃان تائين مودي جي آشيرود سان آر ايس ايس جي نقاب ٻوٿ ٻڌل جي اين يو تي حمل ڪري ڏنو. فيسن ۾ اضافي جي خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ استادن کي سخت تشدد جو نشانو بنايو.لٺ بردارن جو تعلق آر ايس ايس جي شاگرد ونگ سان هو جنهن جواهر لعل يونيورسٽي ۾ گهڙي ڪاري قانون جي خلاف مظاهرو ڪرڻ تي شاگردن کي سخت تشدد جو نشانو بنايو ۽ شاگرد يونين جي صدر ايشي گهوش جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو. بالي ووڊ اداڪار ذيشان ايوب وڊيو پيغام ۾ عوام کان جلد کان جلد جي اين يو پهچڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.بالي ووڊ اداڪاره سوارا باسڪر جواهر نهرو يونيورسٽي جي صورتحال بيان ڪندي روئي ڏنو. دهلي پوليس جي موجودگي ۾  به شاگردن تي ظلم ٿيندو رهيو جنهن سبب  ٻوٿ ٻڏل ماڻهو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي واپس هليا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *