اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته آرمي چيف امريڪي پرڏيهي آڏو واضح ڪيو آهي ته پاڪستان خطي جو امن ۽ افغان مفاهمتي عمل خراب ڪرڻ جو حصو نه ٿيندو. موجوده صورتحال ۾ افعان مفاهمتي عمل کي خراب ڪرڻ وارين ڪوششن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. جنرل سُليماني جي قتل کانپوءِ امريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جي حوالي سان پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان بيان جاري ڪيو ويو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ايراني جنرل تي حملي کانپوءِ خطي جي حالتن ۾ تبديلي آئي آهي، امريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو اِن صورتحال تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ڳالهايو آهي. هُن چيو ته مائيڪ پومپيو کي آرمي چيف چيو آهي ته خطو خراب حالتن مان بهتري ڏانهن وڌي رهيو آهي، پاڪستان ڪنهن به اهڙي عمل جو حصو نه ٿيندو، جنهن سان خطي جو امن خراب ٿئي. امريڪا ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، خطي ۾ مختلف ملڪن وچ ۾ ڇڪتان گهٽجڻ گهرجي ۽ ڊائلاگ ذريعي اڳتي وڌڻ گهرجي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته مائيڪ پومپيو سان ڳالهه ٻولهه دوران آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪيترين ئي قربانين کانپوءِ امن حاصل ڪيو آهي، اسان دهشتگردي کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ افغان سرحد کي محفوظ بڻايو. آرمي چيف واضح لفظن ۾ چيو ته پاڪستان هر اُهو ڪم ڪيو، جنهن سان خطي ۾ امن ٿئي. تنهن ڪري افغان مفاهمتي عمل کي خراب ڪرڻ واري ڪوشش کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف جو واضح موقف آهي ته خطي جي امن کي خراب ڪرڻ واري ڪنهن به عمل جو حصو نه ٿينداسين.