واشنگٽن (ڊيسڪ رپورٽ) امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته هاڻي تهران ڪنهن امريڪي شهري يا ٺڪاڻي کي نشانو بڻايو ته ايران ۾ 52 ٺڪاڻن کي انتهائي تيزي ۽ سختيءَ سان نشانو بڻايو ويندو. امريڪي صدر اهڙي ڌمڪي سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ٽوئيٽر تي ڏني آهي. ايران طرفان جنرل قاسم سُليماني جي قتل جو پلاند وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن عراق ۾ امريڪي سفارتخاني ۽ ايئر بيس ڀرسان راڪيٽ حملا به تيار، جِن ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو هو. ٻئي پاسي ايران جي سخت ردعمل تي ٻڌل بيانن کانپوءِ امريڪا وچ اوڀر ۾ 3 هزار وڌيڪ فوجي مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته امريڪي شهرين کي عراق مان نڪرڻ جون به هدايتون جاري ڪيون ويون. گذريل ڏينهن عراق ۾ راڪيٽ حملن کانپوءِ امريڪي صدر دونڊل ٽرمپ اڄ ٻيهر ايران لاءِ ڌمڪي وارو بيان جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ ايران لاءِ هُن چيو آهي ته هُنن اسان تي حملو ڪيو ته اسان مٿن جوابي حملو ڪيو. ٽرمپ چيو ته آئون ايران کي ٻيهر حملي کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏيان ٿو، پر جيڪڏهن اُنهن وري حملو ڪيو ته ايڌو سخت حملو ڪنداسين، جيڪو پهرين ڪڏهن به نه ٿيو هوندو. ٽوئيٽ بيان ۾ امريڪي صدر ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ايران ڪنهن به امريڪي شهري يا ٺڪاڻي کي نشانو بڻايو، ته امريڪا تمام تيزي ۽ شدت سان اهڙن 52 ٺڪاڻن ۽ هنڌن تي حملا ڪندو، جيڪي ايراني ثقافت لاءِ نهايت اهم آهن. 52 ٺڪاڻا اڳ ئي نشاني تي لڳي چڪا آهن، ۽ 52 وارو انگ اُنهن امريڪي شهرين جي مناسبت سان چونڊيو ويو آهي، جِن کي ڪيترائي سال اڳ ايران يرغمال بڻايو. 1972ع ۾ تهران 52 امريڪين کي يرغمال بڻايو هو. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران ڪيترن ئي سالن کان هڪ مسئلي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، امريڪا وڌيڪ ڌمڪيون نٿو ٻڌڻ گهري. امريڪا تازو فوجي سامان ۽ اوزارن تي 2 ارب ڊالرز خرچ ڪيا آهن، اُنهن مان ڪجهه سامان ايران موڪلڻ کان بلڪل به نه ڪيٻائينداسين.