جعلي اسيمبلي کي حساس قانونسازي نه ڪرڻ گهرجي:فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان چوڌري ڀائرن سان ملاقات کانپوءِ چيو آهي ته سندن جماعت جو فيصلو اچي چڪو آهي ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي ڪنهن به صورت ۾ حمايت نه ڪندا. شهباز شريف کي چئي ڇڏيو آهي ته توهان جي جماعت اپوزيشن پارٽيز سان صلاح مشورا نه ڪيا آهن. پي ٽي آءِ جي اتحادي جماعت ق ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي، چوڌري شجاعت حسين ۽ حافظ عمار ياسر جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهتا، جتي ساڻس ملاقات ڪري پارليامينٽ مان آرمي ترميمي ايڪٽ جي منظوري جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. چوڌري ڀائرن سان ملاقات بعد ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آرمي ترميمي ايڪٽ جي حوالي سان سندن جماعت جو واضح موقف اچي چڪو آهي، جي يو آءِ ف جي پارلياماني پارٽي ۽ مجلس عاملا جو فيصلو عوام تائين پهچائي ڇڏيو آهي. اسيمبلي ۾ ڪنهن به صورت ۾ هن قانونسازي جي حمايت نه ڪنداسين. اسان شروع ۾ ئي اهو مسئلو اُٿاريو ته فوج کي تڪراري نٿا بڻائڻ گهرون، پر حڪومت فوج ۽ آرمي چيف جنرل قمر باجوه کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. مولانا فضل الرحمان چيو ته جنرل باجوه وارو مامرو عدالت ۾ آندو ويو ته صورتحال ڏکي ٿي وئي، خبر پئي ته اُن حوالي سان قانون ئي نه آهي، قانون ۾ خاميون ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت نااهليءَ جو مظاهرو ڪيو، هي ڊفيڪٽو وزيراعظم جو فيصلو آهي. سمورين جماعتن چونڊن کي ڌانڌلي سٽيل قرار ڏنو آهي، تنهن ڪري جعلي اسيمبلي کي حساس قانونسازي نه ڪرڻ گهرجي ۽ سندن جماعت اِن مسئلي تي لڳاتار غور ڪري رهي آهي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي جي يو آءِ ف سربراهه چيو ته آرمي ترميمي ايڪٽ ترميم جي حوالي سان مسودي ۾ ڪجهه ابهام آهن، آرمي ترميمي ايڪٽ تي شهباز شريف سان رابطو ٿيو آهي، اُن کي چيو ته توهان جي پارٽي هن معاملي تي اپوزيشن جماعتن سان صلاح مشورا نه ڪيا آهن، جنهن تي شهباز شريف چيو ته سندن جماعت رابطو ڪندي، پر اڃا تائين نواز ليگ رابطو نه ڪيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *