اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ سوچي سمجهي ڪئي آهي ۽ هي معاملو عدالت ۾ نه وڃڻ گهرجي ها.رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ اجلاس کان اڳ ٿيو جنهن ۾ اٽارني جنرل پاڪستان به شرڪت ڪئي ۽ بريفنگ ڏني.ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارتي آرمي چيف جنگ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ سوچي سمجهي ڪئي آهي. هي معاملو عدالت ۾ نه وڃي گهرجي ها پر اسان قانونسازي ڪري رهيا آهيون.وزيراعظم چيو ته سمورن پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ اتحادين آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي حمايت ڪئي آهي. اسان عدليه سان ٽڪراءُ نٿا چاهيون پر عدليه جو احترام ڪريون ٿا. اجلاس دوران پارليامينٽ جي ميمبرن نوڪريون نه ملڻ جي شڪايت ڪئي ۽ گريڊ هڪ کان 5 جون نوڪريون ڏيڻ جي درخواست ڪئي. جڏهن ته ميمبرن نوڪرين جي لاءِ قرعه اندازي جي مخالفت به ڪئي.ميمبرن جي مخالفت تي وزيراعظم عمران خان چيو ته قرعه اندازي جو طريقو اوهان سڀني جي حق ۾ آهي. ان موقعي تي اسيمبلي ميمبرن نيب جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته سياستدانن کي نيب مان رليف ملڻ گهرجي. ان تي وزيراعظم جواب ڏنو ته اوهان کي ڊڄڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.منهنجي ۽ منهنجي گهر واري جا اڪائونٽ چيڪ ٿيا آهن. جڏهن ته بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ وزيرن جي سينيٽ ۾ غيرحاضري جي شڪايت به ڪئي جنهن تي وزيراعظم چيو ته هاڻ جيڪو به ميمبر سينيٽ ۾ نه اچي ان جي لسٽ ٺاهي مون ڏانهن موڪلي وڃي.