اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دفاع بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آرمي ترميمي ايڪٽ 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. دفاع بابت قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس رٽائرڊ ڪيپٽن جميل ۽ سينيٽر وليد اقبال جي گڏيل صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي طرفان سُپرد ڪيل آرمي ترميمي ايڪٽ 2020ع جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مشاهد حسين، شيري رحمان، فروغ نسيم ۽ ٻين شرڪت ڪئي. دفاع بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ بابت آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اعظم سواتي جو چوڻ آهي ته سمورين جماعتن ترميمي ايڪٽ جي حمايت ڪئي آهي ۽ بِل ۾ ڪنهن به قسم جي ترميم نه ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو آهي ته ڪنهن به پارٽي کي آرمي ترميمي ايڪٽ ۾ خاميون نظر نه آيون، ڪنهن به ميمبر ترميمون تجويز نه ڪيون ۽ ڪميٽي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي، اُميد آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان به ترميمي ايڪٽ اتفاقِ راءِ سان منظور ٿي ويندو. قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قانون ۽ انصاف واري وزير فروغ نسيم چيو آهي ته آرمي ترميمي ايڪٽ جي ڪنهن به جماعت مخالفت نه ڪئي، جڏهن ته چيئرمين هر ميمبرز کان پُڇيو پر ڪنهن به اعتراض نه واريو ۽ نه ئي وري ترميم تجويز ڪئي آهي. دفاع بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اتفاق راءِ سان ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ فروغ نسيم چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ اسپيڪر حوالي ٿيندي ۽ سڀاڻي بِل پيش ٿيندو، اُميد آهي ته آرمي ترميمي ايڪٽ 2020ع اتفاق راءِ سان منظور ٿي ويندو. ڇاڪاڻ جو قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ دفاع بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرز کي به خصوصي طور دعوت ڏني وئي، جِن کان به رهنمائي ورتي ۽ چيو ويو ته جيڪڏهن ڪو اعتراض يا تجويز آهي ته ٻڌايو، اُنهن کي هاڻي ئي ختم ڪيو ويندو، پر ڪنهن به مخالفت نه ڪئي. تنهن ڪري اهي به اشارا آهن ته سينيٽ ۾ بِل پيش ٿيڻ بعد ڪميٽي حوالي نه ٿيندو ۽ اتفاق راءِ سان منظور ٿي ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ فروغ نسيم چيو ته آرمي ترميمي ايڪٽ تڪڙ مان منظور ڪرائڻ وارو تاثر غلط آهي، سُپريم ڪورٽ جي 28 نومبر ۽ 16 ڊسمبر وارن فيصل کانپوءِ ترميمن تي صلاح مشورا ڪيا ويا هئا، تفصلي بحث ٿيو، هاڻي ڇاڪاڻ جو هن معاملي تي آئين ۽ قانون ۾ ڪي شڪ شبها نه آهن، تنهن ڪري اتفاق راءِ آهي ۽ اسيمبلي مان منظور ڪرايو پيو وڃي.