حڪومت آرمي ايڪٽ ۾ ترميم کي تڪراري بنائي رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد(بيورو)   پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آرمي ترميمي ايڪٽ واري بِل جي مشروط حمارت جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي موقف ۾ مونجهارو آهي ۽ نواز ليگ غيرمشروط اعلان ڪرڻ کان اڳ اعتماد ۾ نه ورتو، اهڙي صورتحال ۾ پارليامينٽ ۽ جمهوريت لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري پئي سگهياسين، اُهو ڪيو اٿئون. بل تي پيپلز پارٽي جي حمايت گهرجي ته پارلياماني قدرن ۽ طريقيڪار کي مڪمل طور اختيار ڪرڻو پوندو.قومي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت آرمي چيف جي نوٽيفڪيشن جيان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم کي به تڪراري بنائي رهي آهي. حڪومت ۽ مسلم ليگ(ن) ملي قانونسازي ڪري رهيا آهن. (ن) ليگ ڪالهه غير مشروط حمايت جو اعلان ڪيو هو. منهنجي خيال ۾ ائين نه ٿيڻ گهرجي ها. مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي اپوزيشن سان صلاح  مشورا ڪرڻ گهرجن ها. (ن) ليگ اسان کي  اعتماد ۾ ناهي ورتو. بلاول چيو ته پارليامينٽ ۾ هن اشو کي آڻڻ گهرجي ته اُن لاءِ پارلياماني روايتن تي عمل ڪيو وڃي، حڪومت کي چيو آهي ته ترميمي بِل تي پ پ جي حمايت گهرجي ته پارلياماني روايتن کي اختيار ڪرڻو پوندو، جمهوريت ۾ اهميت پارلياماني قدرن جي هوندي آهي.پ پ چيئرمين چيو ته آرمي ترميمي ايڪٽ ڊفينس ڪميٽي ۾ وڃڻ کانسواءِ پاس ٿئي ها ته پارليامينٽ لاءِ بهتر نه هو. هاڻي جڏهن بِل دفاع بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آيو آهي ته اُن تي تفصيلي بحث ٿيندو، ڊفينس ڪميٽي ۾ جي اجلاس جو نوٽيفڪيشن جاري ٿئي ته پوءِ خبر پوندي. اها جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي ڪاميابي آهي جو بِل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ آيو آهي. هن صورتحال ۾ جيڪو ڪري پئي سگهياسين، اُهو ڪيو صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته کيس خبر نه آهي ته حڪومت کي بِل آڻڻ جي ڪهڙي تڪڙ هئي، اڃا تائين حڪومت جي موقف ۾ مونجهارا آهن، پر اسان اپوزيشن ۾ هجون يا حڪومت ۾، پارليامينٽ جي عزت رکنداسين ته ڪو ٻيو به عزت ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *