ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته اورينج لائين منصوبو ايندڙ چئن مهينن اندر مڪمل ڪريو ۽ ريڊ لائين کي ٽينڊر واري مرحلن لاءِ تيار ڪيو وڃي جنهن لاءِ هو چاهي ٿو ته ان منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب 14 آگسٽ تي منعقد ڪئي وڃي. اهڙيون هدايتون هن اڄ جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ بي آر ٽي ايس، اورنج لائين ۽ ريڊ لائين منصوبن بابت اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ واري اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. اجلاس ۾ وزير ٽرانسپورٽ قادر شاهه، وزير بلديات، ناصر حسين شاهه، وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، قائم مقام چيف سيڪريٽري محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري لوڪل گورنمنٽ روشن شيخ، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عباس ڏيٿو، ايم ڊي پبلڪ پرائوييٽ پارٽنرشپ يونٽ خالد شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٽرانسپورٽ واري وزير اويس شاهه وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته اورينج لائين تي هلندڙ ڪم گهڻي ڀاڱي آخري مرحلن ۾ آهي. جنهن تي وڏي وزير کيس هدايت ڪئي ته ان کي ٽن مهينن جي اندر مڪمل ڪيو وڃي ۽ گڏوگڏ بسن جي خريداري ۽ شروعاتي مرحلي ۾ 25 بسن جي خريداري عمل هيٺ آندي وڃي.