اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت آرمي ايڪٽ بل جي حمايت جو فيصلو ڪري ڇڏيو.حڪومت آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ لاءِ آرمي ايڪٽ جي ترميم کي اتفاق راءِ سان پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ لاءِ ن ليگ ۽ ٻين اپويشن پارٽين سان رابطي جو فيصلو ڪيو هو.ان ڏس ۾ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ جي سربراهي ۾ سينيٽ جي قائد ايوان شبلي فراز ۽ پارلياماني معاملن بابت مملڪتي وزير اعظم سواتي جي ٻڌل وفد اپوزيشن ليڊر جي چيمبر ۾ ن ليگ اڳواڻن سان ملاقات ڪئي.ن ليگ طرفان خواجا آصف، اياز صادق ۽ راڻا تنوير حڪومتي وفد سان مليا.ان موقعي تي حڪومتي وفد ن ليگ کي آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ بابت قانون سازي تي حمايت جي درخواست ڪئي.ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پرويز خٽڪ چيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي اپوزيشن جي ٻين جماعتن سان به رابطا جاري آهن، اميد ته اڄ ئي مشاورت جو عمل مڪمل ڪري سڀاڻي تائين اهو معاملو پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ مشاهد الله خان ٻڌايو ته اسان جي پارٽي آرمي ايڪٽ ترميمي بل جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي آهي.ٻئي پاسي ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جو صحافين سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته مون تائين اها خبر پهتي آهي، جنهن موجب ن ليگ فيصلو ڪيو آهي ته آرمي ايڪٽ جي ترميم تي غير مشروط سهڪار ڪيو ويندو، فوج کي اداري طور ۽ آرمي چيف جي عهدي کي تڪراري نه بڻايو وڃي، تنهن ڪري جيڪو پارٽي جو فيصلو آهي، سمورا ميمبر ان سان گڏ بيٺا هوندا.