اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي ڪابينا سُپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي سربراهيءَ ۾ وفاقي ڪابينا جو هنگامي اجلاس
ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا ميمبرز سان گڏ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾هڪ ئي ايجنڊا تي غور ٿيو ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب ترميم ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۽ واڌ بابت سُپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ طريقيڪار طئه ڪيو ويو آهي.