قائداعظم عظيم ليڊر هو جنهن مسلمانن کي غلاميءَ مان آزادي ڏياري:ڊي سي جيڪب آباد

جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد قائداعظم محمد علي جناح جي 144 ھين پيدائش جي حوالي سان ھڪ شاندار ريلي ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد غظنفر علي قادري مختيار ڪار عباس سڌايو ڊي ايس پي غلام محمد چنو عبدالحئي سومرو سميت سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن توڙي پوليس اهلڪارن سميت رينجرز جي جوانن طرفان ريلي ڪڍي وئي جيڪا ڊي سي آفيس کان  شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي ميڊيا فورم پريس ڪلب پهتي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جو ھڪ عظيم ليڊر ھو جنھن اسان کي انگريزن کان آزاد ڪرائي پاڪستاني قوم کي ھڪ عظيم اسلامي  ملڪ تحفي ۾ ڏنو جنهن ملڪ پاڪستان جي آزادي خاطر ھر محاذ تي ملڪ دشمنن سان مھاڏو اٽڪايو جنهن جو مقصد صرف او صرف پاڪستان جي آزادي ھو جنھن ڪڏهن به ملڪ جي سالميت کي نقصان ڪونه پھچايو قائداعظم محمد علي جناح جي زندگي مان اسان پاڪستاني قوم کي سکڻ گھرجي ڇو تہ ملڪ لاءِ ھن جي قرباني ڏيڻ جھڙو ڪو مثال تاريخ منجھ ڪونھي ڪو ۽  قيامت تائين قائداعظم اعظم محمد علي جناح کي پاڪستاني قوم ۽ پاڪستاني افواج  وساري نٿي سگهي پاڪ فوج زندھ باد پاڪستان پائنده باد جا نعره به خوشي مان ھڻندا رھيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *