اسلام آباد(بيورو): منشيات جي خاتمي وارو مملڪتي وزير شهريار آفريدي جو چوڻ آهي ته راڻا ثناءُ الله اڃا به جوابدار آهي، ان کي ضمانت ملي آهي، آزادي ناهي ملي. ان حوالي سان اسان عدالتي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا.راڻا ثناءُ الله جي ضمانت تي آزادي کانپوءِ ميڊيا تي شديد تنقيد جو نشانو بڻجڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي هن جو چوڻ هو ته مون وڊيو ثبوت جو هڪ دفعو ذڪر ڪيو هو پر سڄو ميڊيا اهو راڳ آلاپيندو رهيو. فلم جي شوٽنگ نه هئي جو اسان وڊيو ٺاهيندا رهون. شهريار آفريدي جو چوڻ هو ته تاثر ڏنو ويو ته راڻا ثناءُ الله کي آزادي ملي آهي، قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جوابدار ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي، آزادي ناهي ملي، ان تي ڪنهن کي ڪو ابهام نه هئڻ گهرجي.شهريار آفريدي دعويٰ ڪئي ته راڻا ثناءُ الله جي خلاف شاهديون موجود آهن، جن کي عدالت ۾ پيش ڪيون وينديون ۽ ڪيس کي منطقي انتجام تائين پهچايو ويندو. هن سوال ڪيو ته راڻا ثناءُ الله جا اثاثا ڪئين وڌيا؟ راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته هو رئيل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪري ٿو.هن جو چوڻ هو ته راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري جي 17 ڏينهن جي اندر عدالت ۾ سڀئي ثبوت پيش ڪيا هئا. ان کي ضمانت تي آزادي ڏيڻ عدالت جو فيصلو هو، جڏهن ٽرائل شروع ٿيندو، تڏهن سڀئي شاهديون ۽ گواهه پيش ڪيا ويندا. ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائڻ عدالتن جو ڪم آهي.