خيرپور ( ڊ ر ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه راڻيپور ۾ درگاهه غوثيه دستگير پهچي پير آف راڻيپور مرحوم پير سيد غلام غوث شاهه جي لاڏاڻي تي سندس وارثن سجاده نشين پير سيد سورج دستگير شاهه جيلاني ،پ پ ايم پي اي پير سيد احمد رضا شاهه سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي آغا سراج دراني چيو ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدت وارو بل اسيمبلي ۾ آيو ته پوءِ پارٽي فيصلو ڪندي ،اڳوڻو جنرل پرويز مشرف جي ڪيس ۾ عدالتي فيصلو تفصيل سان ناهي پڙهيو ،ڇو ته مان جيل ۾ هئس. هن چيو ته سيد غلام غوث شاهه عرف پير بگن شاهه جي وڇوڙي تي دل غم پهتو آهي، بگن سائين معتبر ،پيار محبت ،شفيق ۽ انسانيت دوست جو سچو پيروڪار هيو، هن هميشه اسان جو ساٿ نڀايو جيڪا ڳالهه وسارڻ جهڙي ناهي، جڏهن ته صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاق هڪ غلط نوٽيفيڪيشن ڪڍي آرمي چيف جي ملازمت کي تڪراي بڻائي ڇڏيو آهي عمران نيازي جا يوٽرن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندا،.سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جيڪو آئين جي ڇڃڪڙي ڪندو ان جي سزا آئين ۾ موجود آهي پرويز مشرف لاءِ جيڪو فيصلي تي نوٽ لڳل آهي اهو مناسب ناهي پيپلزپارٽي هميشه جمهوريت تي يقين رکي ٿي نيب جي ذريعي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن خلاف اربين رپين جا ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته آصف علي زرداري کي ڪمند جا مليل چيڪ کي بنياد بڻائي ريفرنس داخل ڪيا ويا جيڪي ثابت نه ڪري سگهيا جنهن ڪري پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي عدالتن ضمانتون ڏنيون جڏهن ته وفاقي حڪومت ڪوبه احسان ناهي ڪيو. ان موقعي تي ضلع چيرمين شهريار خان وساڻ اڳوڻو ضلع ناظم پير سيد نياز حسين شاهه ، پير دلشاد شاهه، پير شاهزيب شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا،