تاريخ سان جڙيل ادارا اسان لاءِ اجتماعي فخر آهن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر سنڌ حڪومت جي ترجمان، قانون ، ماحوليات ۽ سامونڊي ترقي بابت وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته اسان جي خطي ۾ تاريخ سان جڙيل ادارا خاص ڪري تعليمي ادارا اسان لاءِ اجتماعي فخر آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن باني پاڪستان قائداعظم جي مادر عملي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ قائداعظم جي سالگره جي ٽن ڏينهن واري تقريب جي پهرين ڏينهن بحيثيت مهمان خاص خطاب ڪندي ڪيو. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جدوجهد ذريعي بر صغير جي مسلمانن لاءِ الگ وطن حاصل ڪيو. هن چيو ته قائداعظم هڪ وڪيل هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سياسي مدبر به هيو هن مسلمانن جي الگ رياست جي خواب کي سچ ڪري ڏيکاريو۽ انهي تسلسل ۾ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي 73 جي آئين جو تحفو ڏنو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ رهڻ واري هر شخص کي جمهوري، معاشي ۽ انساني حق هڪجيترا حاصل آهن ان آئين ۾ بنيادي انساني حقن کي شامل ڪيو ويو جنهن جي تحت قانون جي حڪمراني ٿيندي ۽ پاڪستان هڪ سهڻي خواب جي تعبير ٿيندو تقريب ۾ صوبائي صلاحڪار وائس چانسلر سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڊاڪٽر محمد علي شيخ سان گڏجي ڪري ڪيڪ ڪٽيو ۽ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگرياڻين پاران ٺاهيل فن پارن جي نمائش جو افتتاح ڪيو ۽ فن پارن کي ساراهيو. ان کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صوبائي صلاحڪار چيو ته احتجاج ڪرڻ هر فرد ۽ سياسي جماعت جو بنيادي حق آهي پر عدالت جي معاملن کي عدالت ۾ ئي حل ٿيڻ گهرجي پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ جمهوري جماعت آهي. هن چيو ته اڄ بلاول ڀٽو ناڪام حڪومت جي خلاف مهم هلائي رهيو آهي ۽ عوام کي انهن جي عوام دشمن اپائن سان آگاهه ڪري رهيو آهي سليڪٽيڊ سرڪار بلاول ڀٽو خلاف سازشون ڪري رهي آهي بلاول ڀٽو جي آئي ٽي جي سامهون پهريون ئي پيش ٿي چڪو آهي اسان جي پارٽي جو چيئرمين ۽ ليڊر سليڪٽيد حڪومت جي ڊرامي بازين کان ڊڄڻ وارو ناهي هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو کي  نيب جي نوٽس ملڻ تي تحفظات آهن ڇو ته 27 ڊسمبر اهو دردناڪ ڏينهن هو جڏهن مسلم امه جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت جي سربراهه کي عوام جو ڪيس وڙهڻ جي پاداش ۾ زندگي کان محروم ڪيو ويو هو ان ڏينهن هر محب وطن پاڪستاني جي اک آلي هئي. هن چيو ته اسان جو ڪم خدمت ڪرڻ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ آهي جنهن جو ڪم صرف تنقيد ڪرڻ آهي عوام انهن کان ڪڏهن به خوش نه ٿيندا.   

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *