لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي واسي غيرقانوني قبضن جي نالي تي آپريشن خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا، عورتن ۽ ٻارن سوڌو ڌرڻو هڻي چتاءُ ڏنو آهي ته گهر ڊاهڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته تحريڪ هلائي ويندي. پ پ سرڪار اعلان ڪيوآهي ته نظرثاني اپيل تي عدالتي فيصلو اچڻ تائين گهر نه ڊاٺا ويندا. گهر بچايو تحريڪ جي سڌ تي گهر ڊاهڻ لاءِ آپريشن خلاف شهرين مظاهرو ڪري جناح باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران مظاهرين انتظاميا خلاف نعريبازي به ڪئي. مظاهري ۾ عورتن ۽ ٻارن جو به وڏو انگ شامل هو، جيڪي اجهن کان محروم ٿيڻ خلاف دانهون ڪري رهيا هئا. قاسم چانڊيو، سليم ميراڻي، ذوالفقار چانڊيو، امتياز مغيري، ديدار کوکر ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته غيرقانوني قبضن خلاف آپريشن جي نالي تي غريبن جا اجها ڊاهي پٽ ٿيڻ نه ڏنا ويندا، جيڪڏهن اُهي قبضا هجن ها ته سرڪار طرفان ڪروڙين رُپين جي فيس ڪيئن اوڳاڙي وئي ۽ گئس توڙي بجلي جا ڪنيڪشن ڪيئن ڏنا ويا؟ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جو نظام به ٺاهيو ويو آهي. پ پ حڪومت هاڻي عدالتي حڪم جي بهاني تي ڪئنال جي ڪنارن تي آباد ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته غيرقانوني قبضن خلاف آپريشن جي نالي تي غريب ماڻهن کان گهر نه کسيا وڃن، سندن ٻچا رُلي ويندا. ڌرڻي کي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو به خطاب ڪيو ۽ چيو ته پارٽي جي چيئرمين هدايت ڪئي آهي ته متاثرن کي وڪيل مهيا ڪيو وڃي، عدالت ۾ نظرثاني اپيل تي فيصلو اچڻ تائين گهرن ڊاهڻ کان روڪيو ويو آهي. متاثرن سان هر قسم جو قانوني سهڪار ڪيو ويندو.