اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پ پ اڳواڻ ميان رضا رباني چيو آهي ته خصوصي عدالت جي فيصلي جي پيرا 66 جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي پر اها تاريخ جي ستم ظريفي آهي ته هڪ اهڙي شخص جي واکاڻ ٿي رهي آهي، جنهن آئين ٽوڙيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته هڪ اهڙي شخص جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي، جنهن آئيني عمل ۽ جمهوري ادارن کي پامال ڪيو، جيڪا تاريخ جي ستم ظريفي آهي. هن چيو ته خصوصي عدالت جي فيصلي جي پيرا 66 جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي پر متاثر ماڻهن لاءِ قانوني رستو موجود آهي. هن چيو ته متاثر شخص ان پيرا کي فيصلي مان حذف ڪرائڻ لاءِ لاڳاپيل عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿو ۽ فيصلي خلاف اپيل به ڪري سگهي ٿو. اڳوڻي سينٽ چيئرمين چيو ته حڪومت کي پنهنجي سياسي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ آرٽيڪل 209 جو سهارو وٺڻ جي عادت آهي. هن چيو ته حڪومت فيض آباد ڌرڻي بابت فيصلي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، 12 مئي سانحي تي جسٽس ڪي ڪي آغا خلاف آرٽيڪل 209 جي آڙ ورتي ۽ هاڻي جسٽس وقار احمد سيٺ خلاف به ساڳي آرٽيڪل جي آڙ ورتي پئي وڃي. رضا رباني چيو ته عدالتي فيصلي تي آرٽيڪل 209 تحت درخواست داخل نه ٿي ڪرائي سگهجي، اهو قدم آئين جي آرٽيڪل 10 جي ڀڃڪڙي آهي. رضا رباني چيو ته حڪومت عدليه خلاف منظم مهم هلائڻ کان مڙي وڃي.