اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس پاڪستان آصف سعيد کوسا چيو آهي ته منهنجي ۽ عدليه خلاف گندي مهم شروع ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا اڄ رٽائر ٿي ويندو، سندس مان ۾ فل ڪورٽ ريفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن کي خطاب کان اڳ چيف جسٽس وضاحت ڪندي چيو ته مٿس الزام لڳايو ويو ته مان صحافين سان ملاقات ۾ پرويز مشرف خلاف فيصلي جي حمايت ڪئي. هن چيو ته ڪالهه مشرف خلاف فيصلي بعد نه رڳو منهنجي خلاف پر عدليه خلاف گندي ۽ توهين جوڳي مهم هلائي وئي. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل جي ميڊيا ۾ مشرف ڪيستي منهنجَي اثرنداز ٿيڻ واري ڳالهه بي بنياد ۽ توهين جوڳي آهي، چيف جسٽس چيو ته سچ سامهون ايندو ۽ سچ جو مان مٿانهون ٿيندو، سچ سدائين زنده رهندو. بعد ۾ فل ڪورٽ ريفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته عدالتون موڪلون ڪڍي مان رڳو 235 ڏينهن چيف جسٽس جو عهدو سنڀاليو. هن چيو ته منهنجي نظر ۾ هڪ جج کي بي خوف هئڻ گهرجي، ڪجهه ماڻهو اوهان کي سمجهائيندا ۽ ڊيڄاريندا. هن چيو ته مان قانوني گهرجن سان گڏ بنا ڪنهن خوف ۽ اڻڌريا فيصلا ڪيا. چيف جسٽس چيو ته منهنجي لاءِ اهو اهم ناهي ته ٻين جو ردعمل يا نتيجا ڪهڙا ٿي سگهن ٿا. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته منهنجي سوچ کي فهميده رياض جي نظم ۾ خوبصورتي سان سهيڙيو ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته هڪ جج جي دل شينهن جيان ۽ عزم فولاد جيان هئڻ گهرجن. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا اڄ رٽائر ٿي ويندو ۽ جسٽس گلزار احمد سڀاڻي چيف جسٽس پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻندو.