اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي صدر جنرل ريٽائرڊ پرويز مشرف جو چوڻ آهي ته هن جي خلاف ڪجهه ماڻهن جي ڪري ڪيس ٺاهيو ويو ۽ ٻڌو ويو جنهن ۾ فرد واحد کي ٽارگيٽ ڪيو ويو.پنهنجي خلاف خاص عدالت جي فيصلي تي رد عمل ڏيندي پرويز مشرف هڪ ويڊيو پيغام ۾ چيو ته خاص عدالت منهنجي خلاف آرٽيڪل 6 جو جيڪو فيصلو ٻڌايو اُهو مون وي ٽي تي پهريون ڀيرو ٻڌو، هي اهڙو آهي جنهن جي پهرين ڪو به مثال نٿو ملي ته فريادي ۽ وڪيل کي پنهنجي دفاع ۾ ڳالهائڻ جي اجازت به ناهي ملي.هن چيو ته مون ايستائين چيو هو ته جيڪڏهن ڪا خاص ڪميشن جوڙي وڃي ته هتي اچي ته آئون پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان، ان کي به نظرانداز ڪيو ويو.پرويز مشرف جو چوڻ هو ته آئون ان فيصلي کي شڪي ان ڪري چوان ٿو ته ان ڪيس جي ٻڌڻي ۾ شروع کان آخر تائين قانون جي بالادستي جو خيال ناهي رکيو ويو، پر اِهو به چوندس ته آئين جي موجب ان ڪيس کي ٻڌڻ ضروري ناهي، ان ڪيس کي منهنجي خلاف رڳو ڪجهه ماڻهن جي ذاتي عداوت جي ڪري بڻايو ويو ۽ ٻڌو ويو ۽ ان ۾ فرد واحد کي ٽارگيٽ ڪيو ويو ۽ انهن ماڻهن هدف بڻايو جيڪي وڏن عهدن تي ويٺا آهن ۽ پنهنجي عهدي جو غلط استعمال ڪندا آهن.سندس چوڻ هو ته قانون جو مايوس ڪندڙ استعمال، فرد واحد کي نشانو بڻائڻ ۽ واقعن هو پنهنجي منشا موجب چونڊ ڪرڻ اِهو ظاهر ڪري ٿو ته هي ماڻهو چا ٿا چاهن.