اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گڏيل قومن کي نئين خطري کان آگاهي ڏيندي ٻڌايو آهي ته ڀارت ايل او سي تي لڳل ميزائل آزاد جمون ۽ ڪشمير تي استعمال ڪري سگهي ٿو.پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب والاريل جمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني غاصبانه قدمن، ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ صدر سيڪيورٽي ڪائونسل کي خط لکيو آهي.پرڏيهي وزير پاران گڏيل قومن ڏانهن 5 مهينن دوران هي ستون خط آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي خط ۾ گڏيل قومن کي والاريل جمون، ڪشمير ۽ لائن آف ڪنٽرول جي خطرناڪ صورتحال کان آگاهه ڪندي ٻڌايو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پاماليون جاري رکندو اچي ۽ پاڪستان جي خلاف به دشمني تي ٻڌل جارحانه عزم رکي ٿو. خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت لائن آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ڪري چڪو آهي ۽ هلندڙ سال ايل او سي جي 3 هزار خلاف ورزين ۾ 300 شهرين کي نشانو بنايو ويو.ڀارت ايل او سي جي 5 سيڪٽرز ۾ مذموم عزائم جي تحت ڪنڊيدار تارن کي جزوي طور تي هٽايو ويو. جڏهن ته براهموس ميزائل رجمنٽس، اينٽي ٽينڪ ميزائل ۽ سپائس ميزائل لڳائي ڇڏيا آهن. ڀارت ايل او سي تي لڳل ميزائل آزاد جمون ۽ ڪشمير تي استعمال ۽ ڪنهن به وقت جعلي بنيادن تي ڪوبه فوجي آپريشن ڪري سگهي ٿو.