شڪارپور ۾ ننڍي عمر ۾ نينگري کي پرڻائڻ جي ڪوشش ناڪام، مولوي ۽ گهوٽ ڄڃ سوڌو فرار

شڪارپور (رپورٽر) نياڻين جي ننڍي عمر جي شادين جو رواج ختم نه ٿي سگهيو، شڪارپور جي لکي در ٿاڻي جي حد الف شاهه شهيد ڪالوني ۾ پيش آيو، 12 ورهين جي ٻارڙي صوفيه بليدي کي 28 سالن جي نوجوان بلاول بنگلاڻي سان پرڻايو پئي ويو ته لکي در ٿاڻي جي پوليس ڇاپو هنيو، شادي جي تقريب ۾ ڇاپي کان اڳ نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ۽ گهوٽ ڄڃ سميت اطلاع ملڻ تي فرار ٿي ويا، پوليس 12 ورهين جي هٿن تي ميندي لڳل ڪنوار صوفيه بليدي ۽ سندس پيءُ مصري خان بليدي کي گرفتار ٿاڻي تي آندو، جڏهن ته نينگري کي وومين سيل منتقل ڪيو ويو، مصري خان کي لاڪپ حوالي ڪيو ويو، ٻنهي کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، پوليس جو چوڻ آهي ته گهوٽ شادي جي تقريب ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي فرار ٿي ويو، ان جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *