اسلام آباد(بيورو) بلاول ڀٽو زرداري پرويز مشرف خلاف ڪيس ۾ فيصلو اچڻ کانپوءِ چيو آهي ته جمهوريت بهترين انتقام آهي.پرويز مشرف کي سنگين غداري ڪيس ۾ موت جي سزا جو فيصلو اچڻ کانپوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوشل ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شهيد بينظير ڀٽو جي تصوير سان گڏ ردعمل ظاهر ڪيو.بلاول ٽوئيٽر تي جيئي ڀٽو جو نعرو لکيو ۽ چيو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي. بلاول ڀٽو زرداري مشرف کي سزا ملڻ کانپوءِ پنهنجي والد جو قول لکيو.پ پ چيئرمين چيو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ به مک جوابدار آهي.اڄوڪو فيصلو تاريخي آهي، اسان جي صبر جو ڦل ملي ويو، ڊڪٽيٽر پنهنجي انجام تي پهچي چڪو آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مون کي خبر پئي آهي ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ جيڪي غيرقانوني طور ويٺل آهن، انهن کي زوري اٿاريو پيو وڃي، جڏهن اميرن جا گهر ريگيولرائيز ٿي سگهن ٿا ته پوءِ غريبن جا گهر ڇو نه.هن وڌيڪ چيو ته اهڙي معاشري بحران ۽ سخت سيءُ ۾ غريب ماڻهن کان سندن اجها ڇنڻ سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي. هن چيو ته اسان ان سلسلي ۾ حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون.