ڪراچي (نمائندن وٽان ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار، مختلف حادثن ۾ هڪ نوجوان فوت، 26 ڄڻا زخمي، اسپتال ڀيڙا، ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي، حيدرآباد، سکر، دادو، لاڙڪاڻي، سيوهڻ، ميهڙ، قمبرشهدادڪوٽ، ڏوڪري، باقراڻي، ميرپورخاص، ڳڙهي ياسين، خيرپور، فيض گنج ۽ ٻين شهرن ۾ اڄ به ڪوهيڙي جو راڄ برقرار رهيو، ڪوهيڙي سبب حادثن ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو ۽ 26 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. نوشهروفيروز ڀرسان وئن ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، 15 مسافر زخمي ٿي پيا آهن، قومي شاهراهه تي نانگو شاهه موري وٽ وئن ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر سبب 15 مسافر زخمي ٿي پيا، زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ اصغر علي، ممتاز ڏيپر، عاشق مگسي، مسمات حوا، محمد صالح ۽ ٻيا شامل آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته وئن موري کان سکر طرف وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو. موري ڀرسان قومي شاھراھ وٽ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، واقعي جي نتيجي ۾ پورھيت نوجوان ياسين ولد امام علي ٻرڙو اسپتال نيئندي فوت ٿي ويو، فوت ٿيندڙ نوجوان تاج پيٽرول پمپ تي مزدوري ڪندو ھو، فوتي نوجوان پيءُ کي اڪيلو پٽ هو، لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.