ڪوئيٽا م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جي پارٽي 18هين ترميم تحت صوبن کي انهن جا حق ڏياريا پر موجوده حڪومت نٿي چاهي ته بلوچستان جي معدني وسيلن ۽ سي پيڪ منصوبي سان صوبي جي پٺ تي پيل طبقي کي فائدو پهچي.ڪوئيٽا ۾ پيپلز پارٽي جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان سنڌ جي معدني وسيلن کي استعمال ڪندي مقامي ماڻهن کي ملازمتون فراهم ڪيون پر موجوده سليڪٽڊ حڪومت نٿي چاهي ته سي پيڪ سان بلوچستان جي عوام کي ترقي جا موقعا ملن، افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته 18هين ترميم تي ان جي روح موجب عمل ناهي ٿيو.هن چيو ته اسان ماضي ۾ بلوچستان لاءِ انقلابي قدم کنيا، اڳوڻي صدر آصف زرداري پنهنجي ڪابينا کي پٺ تي پيل علائقن ۾ ترقي جي ويزن تي زور ڏنو هو، رڳو پ پ ئي بلوچستان ۾ معدني وسيلن کي استعمال ڪندي مقامي ماڻهن کي فائدو پهچائي سگهي ٿي.سندس چوڻ هو اسان کي نظر اچي رهيو آهي ته عوام کان طاقت کسي سليڪٽڊ ۽ سليڪٽرز کي ڏني پئي وڃي، معيشت عوام جي مفاد لاءِ ناهي رهي، پ پ جيڪڏهن حڪومت ڪئي ته عوام جي مرضي ۽ عوام جي طاقت سان ڪئي، ذوالفقار علي ڀٽو سياست ڪئي ته عوام جي فائدي لاءِ ڪئي، اڄ ملڪ ۾ سياست آزاد ناهي، عوام کان طاقت کسي پئي وڃي، هيءَ اها جمهوريت ناهي، جنهن لاءِ بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار ڀٽو شهيد ٿيا.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽڊ ذريعي 18هين ترميم تي حملا پيا ٿين، صوبن کان وسيلا ۽ اختيار کسيا پيا وڃن، اسان کي نه ڪو سليڪٽر قبول آهي ۽ نه امپائر جي آڱر، اڄ به سنڌ جا ڪيس راولپنڊي ۾ هلي رهيا آهن، ڪارڪن پڇن ٿا ته راولپنڊي ۾ اهڙو ڇا آهي جو ذوالفقار ڀٽو کي اتي ڦاهي ڏني وئي، بينظير ڀٽو کي به اتي شهيد ڪيو ويو، آصف زرداري خلاف ڪيس به اتي ئي ٿا هلن، اسان هڪ ڀيرو ٻيهر راولپنڊي اچي رهيا آهن.