ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪنهن کي آفيسر اچڻو آهي ۽ ڪنهن کي وڃڻو آهي، اهو فيصلو سنڌ حڪومت ڪندي، اسان سمجهيو ته آءِ جي سنڌ (ڊاڪٽر ڪليم امام ) سمجهدار ماڻهو آهي پر هن چيف سيڪريٽري کي 2 پوليس آفيسرن بابت خط لکي ميڊيا ذريعي مشهور ڪيو ۽ اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ حڪومت ۽ پوليس وچ ۾ ڪنهن قسم جي ڪا ڇڪتاڻ آهي، جن ٻن آفيسرن جون خدمتون سنڌ حڪومت وفاق کي واپس ڪري رهي آهي، انهن بابت وفاق طرفان سنڌ حڪومت کي درخواست ملي آهي، سنڌ حڪومت ان درخواست تحت ٻنهي آفيسرن جون خدمتون وفاق کي واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڪالهه پنهنجي ڪيمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڊي آءِ جي خادم رند جي حوالي آءِ جي سنڌ هڪ سال اڳ نومبر 2018 ۾ سنڌ حڪومت کي لکيو هو ته سندس خدمتن جي اسان کي ضرورت ناهي ۽ هاڻي هو چيف سيڪريٽري کي خط لکي پيو ته ان جي اسانکي ضرورت آهي، اسان کي هاڻي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته آءِ جي سنڌ ڪنهن جي اشارن تي اهڙي قسم جا خط لکي ڪري سنڌ حڪومت ۽ پوليس کي تماشو بڻائي رهيو آهي. سنڌ حڪومت پاران هن وقت تائين آءِ جي سنڌ جي بدلي جي حوالي سان ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسين عمران نيازي جي نالائقي ۽ نا اهل حرڪتن کان خوفزده ناهيون ته هڪ ماتحت آفيسر کان ڇو خوفزده ٿيندا سين؟ هن چيو ته شيخ رشيد جي بيان تي تبصري جي ڪا ضرورت ناهي . آصف علي زرداري گذريل ڏينهن ڪراچي پهتو آهي، سندس ڪراچي جي اسپتال ۾ ئي علاج ٿيندو، سندس علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جو ڪو ارادو ناهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي سنڌ ورهائڻ بابت بل جي ڪا اهميت ناهي ۽ نه ئي اهو قومي اسيمبلي مان پاس ٿي سگهندو، سنڌ جي ماڻهن کي ويڙهائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ته سدائين سازش ڪئي آهي پر اهڙي بل تي تحريڪ انصاف توڙي سندس حمايتي پارٽين کي پنهنجو موقف عوام آڏو رکڻ گهرجي.