اسلام آباد (م ڊ) ايم ڪيو ايم جي ميمبرن سنڌ صوبي کي تقسيم ڪري ڏکڻ سنڌ ۽ اتر سنڌ نالي 2 صوبا قائم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو بل قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، بل ۾ پنجاب کي تقسيم ڪري بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب نالي 2 صوبا، ڪي پي ڪي کي تقسيم ڪري هزاره نالي ڌار صوبو ٺاهڻ جي تجويز بهشامل آهي. تفصيل موجب ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ميمبرن ڪشور زهرا، انجنيئر صابر حسين قائم خاني، صلاح الدين ۽ اسامه قادري پاران آئين جي آرٽيڪل هڪ، 51، 59، 106، 175 اي، 198 ۽ 218 ۾ آئيني ترميم جو بل قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن سنڌ صوبي کي تقسيم ڪري اتر سنڌ ۽ ڏکڻ سنڌ جي نالي سان 2 ڌار ڌار صوبا قائم ڪرڻ جون ترميمون شامل ڪيون آهن، ايم ڪيو ايم جي ميمبرن پاران جمع ڪرايل آئيني ترميمي بل ۾ آئين جي آرٽيڪل هڪ ۾ترميم تجويز ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سنڌ، بلوچستان، پنجاب، خيبرپختونخوا سان گڏ نوان صوبا ٺاهي انهن جا نالا اتر سنڌ، ڏکڻ سنڌ، ڏکڻ پنجاب، بهاولپور ۽ هزارا نالا لکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. آئين جي آرٽيڪل 51 ۾ ترميم تجويز ڪندي بهاولپور صوبي جون قومي اسيمبلي ۾ جنرل 15، عورتن لاءِ مخصوص 3 سميت 18 سيٽون، ڏکڻ پنجاب لاءِ 31 جنرل، عورتن لاءِ مخصوص 7 سميت ڪل 38 سيٽون، پنجاب صوبي جون قومي اسيمبلي ۾ 95 جنرل، عورتن لاءِ مخصوص 22 سيٽن سميت ڪل 117 سيٽون رکڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. ڪي پي ڪي کي تقسيم ڪري هزاره صوبي جون جنرل 7، عورتن لاءِ 2 مخصوص سيٽن سميت ڪل 9 سيٽون رکڻ، جڏهن ته خيبر پختونخوا صوبي ۾ قومي اسيمبلي ۾ جنرل45، عورتن لاءِ مخصوص 10 سيٽن سميت ڪل 55 سيٽون رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ اتر سنڌ صوبي جون قومي اسيمبلي ۾ جنرل 35 ۽ عورتن لاءِ مخصوص 8 سيٽن سميت ڪل 43 سيٽون، ڏکڻ سنڌ جون قومي اسيمبلي ۾ جنرل 26 ۽ عورتن لاءِ مخصوص 6 سيٽن سميت ڪل 32 سيٽون رکڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. ايم ڪيو ايم جي ڪشور زهرا بل جمع ڪرائڻ جي تصديق ڪئي. هن چيو ڏکڻ سنڌ ۽ اتر سنڌ نالي 2 صوبا ڪهڙن ضلعن تي مشتمل هوندا ان بابت جڏهن بل اسيمبلي ۾ پيش ٿي ڪاميٽي کي اماڻيو ويندو تڏهن ڪاميٽي انهن مامرن کي طئي ڪندي، هن چيو ته صوبن ۾ آبادي وڌي رهي آهي، ان ڪري مون نه رڳو سنڌ پر پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ به نوان صوبا قائم ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي آهي