50 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر هجڻ جو اعتراف، ريڊ زون ۾ ايندڙ استادن خلاف قدم کڻبو: سردار شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سردار شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ ۾ 50 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، استاد ريڊ زون ۾ داخل ٿيندا ته پوليس قدم کڻندي، گرفتار استاد جلد آزاد ٿيندا. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته سنڌ ۾ 50لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 20لک ۽ ڪي پي ۾ وري 25 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. جي ڊي اي جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته سنڌ ۾ استادن کي پڪو ڪرڻ بدران مٿن تشدد ڪيو پيو وڃي، رڳو ڪراچي جي استادن کي پڪو ڪيو ويو، ٻين شهرن جي استادن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟. هن چيو ته وڏو وزير سپر مين آهي، جنهن کي 10-10 کاتا مليل آهن، جنهن جو جواب ڏيندي صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته منهنجي دور ۾ 16هزار استاد پڪا ويا، باقي استادن کي پڪو ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙيل آهي، جيڪا ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪري رهي آهي، جيڪڏهن استاد ريڊ زون ۾ داخل ٿيندا ته پوليس قدم کڻندي، وڏي وزير استادن تي تشدد واري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي، گرفتار استادن کي آزاد ڪيو ويندو. صوبائي وزير سردار شاهه جمال صديقي جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته منهنجي دور ۾ بيڪن هائوس ۽ سٽي اسڪول سميت وڏي اسڪولن خلاف ڪارروايون ٿيون، خانگي اسڪولن خلاف قدم کڻڻ ڏکيو آهي، جيڪڏهن ڪو اسڪول هن وقت به واڌو في وٺي رهيو آهي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. نڌ اسيمبلي ۾ ٻئي ڏينهن به واهي پانڌي ۾ گل شمع واري واقعي جو ذڪر نڪتو. متحده سان تعلق رکندڙ ايم پي اي رعنا انصار چيو ته واهي پانڌي واقعي بابت غلط خبرون ڏيندڙ صحافي خلاف سنڌ سرڪار سائبر ڪرائيم تحت ڪارروائي ڇو نٿي ڪري؟ هن چيو ته ان قسم جون غلط خبرون ڏيندڙن کان پڇاڻو نه ٿيندو ته اهي اهڙيون خبرون ڏيندا رهندا، آئون سعيد غني جي بيان سان اتفاق ٿي ڪريان

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *