اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ملڻ بعد اڳوڻي صدر آصف زرداري کي آزاد ڪيو ويو آهي. اڳوڻو صدر آصف زرداري اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، اڊيالا جيل جي اختيارين طرفان جاري ڪيل روبڪار اڳوڻي صدر تائين پهچايو ويو. اُن موقعي تي رب نواز ۽ سردار توقير اڳوڻي صدر آصف زرداري جي طرفان هڪ ڪروڙ رُپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا، جيڪي احتساب عدالت جي رجسٽرار وٽ پيش ڪيا ويا، اُن کانپوءِ رجسٽرار ضمانتي مچلڪن سان گڏ موجود دستاويزن جي تصديق ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، جنهن تحت ڪاغذن جي تصديق ڪرائڻ بعد مچلڪا جمع ڪرايا ويا.