ڪراچي(اسٽاف رپورٽرسنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صحافين جي لاءِ اسان اِهي شرطون لڳايون هيون ته جيڪا اسان رقم ڏئي رهيا آهيون اُهي پگهارن ۾ ڏيو، اخباري مالڪ اسان جي ماتحت ته ناهن، پر لڳي ٿو ته اسان هنن جي ماتحت ٿي ويا آهيون.هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته منهنجو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي آهي آهي، منهنجي هن پارٽي ملڪ کي آئين ڏنو، تقرير ڪئي آزادي ته آهي پر تقرير کان پوءِ ڇا ٿيندو ان جي ڪا گارنٽي ناهي.هن چيو ته 1977ع ۾ مارشل لاڳو ٿي، منهنجو پيءُ جيل ويو ته مون زمينون سنڀاليون.سندس چوڻ هو ته آئين ۾ لکيل آهي ته هي آئين انساني حقن جي ڳالهه ڪري ٿو، ان آئين ۾ مون حلف کنيو آهي، منهنجو فرض آهي ته آئون انساني حقن جو جهنڊو بلند ڪيان.سيد مراد علي شاهه چيو ته قانون سازي سڀ کان وڌيڪ سنڌ اسيمبلي پاس ڪئي، قانون جيستائين حڪومت نه چاهي پاس نٿو ٿي سگهي، اسان جو مسئلو قانون تي عملدرآمد آهي، اسان جي بيورو ڪريسي ان عملدرآمد جي حوالي سان تربيت يافته ناهي.هن چيو ته انساني حق هڪ انسان ٻئي انسان کي ڏيندو آهي، اسان کي پاڻ کي ڏسڻ گهرجي ته ڇا اسان حق ادا ڪيون ٿا، چونڊيل ماڻهو عوامي نمائندا آهن، آفيسر سرڪاري ملازم آهن، اسان کي جنهن تي ڌيان ڏيڻو آهي ان کي وڌيڪ بهتر ڪرڻو پوندو جڏهن ته اڄ لاهور ۾ وڪيلن مظاهري ۾ ڪيتري انساني حقن جي پاسداري ڪئي، اسان کي سوچڻ گهرجي.هن چيو ته سياسي تنقيد برداشت ڪندا آهن، باهه ڪٿي ته نڪرڻي آهي، آئون دل تي ناهيان وٺندو، پر تنقيد ڪرڻ کان پهرين سوچيو سياستدان به انسان آهن.سندس چوڻ هو ته ماجده رضوي پهرين عورت جج آهي، اِهو به پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ٿيو، شهيد بيبي هميشه انساني حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ بلاول ڀٽو زرداري به ان تي عمل پيرا آهي.