ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت کي انتقام وٺڻ جي لاءِ نيب کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ پاڪستاني شهرين جي بنيادي حقن تي حملو آهي.تفصيل موجب انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رياست طرفان پنهنجي شهرين جي معاهدي جو احترام ۽ هر شهري جي انساني حقن جي پاسداري ضروري آهي. انساني حقن جي پاسداري ۾ ڪوتاهي پاڪستان جي بنيادي اصولن جي نفي آهي.بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن کان موجوده حڪومت آئي آهي ملڪ ۾ انساني حقن جي پامالي ۾ اضافو ٿي ويو آهي حڪومت آزاد صحافت کان وٺي آزاد انجمن تنظيم جهڙن حقن کي دٻائڻ واري مهم جي سرپرستي ڪري رهي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته حڪومت شاگردن ۽ شهيد مشال جي پيءُ جي خلاف پرچو ڪٽي رياست مدينه بابت پنهنجي دعوائن جي ابتڙ ڪم ڪيو. پرامن ترقي پسند معاشري جي لاءِ اظهار جي آزادي، عقيدي جي آزادي، عورت، ٻارن ۽ پوئتي پيل طبقن جي حقن کي تحفظ ڏيڻو پوندو.بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت جون معاشي پاليسيون عوام کان عزت سان جيئڻ جو حق کسڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن. پر پيپلز پارٽي پريشانين جي باوجود انساني حقن جي معاملي تي ڪنهن مصلحت جو شڪار نه ٿيندي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو قوم جي جمهوري ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪئي ان عظيم مقصد تي هن پنهنجي جانين جا نذرانا به ڏنا پر انساني حقن جي محافظن ۽ ان جي پامالي ڪندڙن وچ ۾ جنگ جاري آهي.