حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي دنيا جو ڌيان والاريل ڪشمير طرف ڇڪرائڻو پوندو.وزيراعظم سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي والاريل ڪشمير تي 4 مهينن کان جاري ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪندي لکيو آهي ته عالمي قانون جا رکوالا ڀارت پاران ڪيل قبضي جو نوٽيس وٺن.هن لکيو آهي ته سلامتي ڪائونسل والاريل ڪشمير جي غيرقانوني قبضي تي ڀارت جي خلاف قدم کڻي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *