سنڌ ڪابينا شاگرد يونين جي بحالي جو بل سنڌ اسٽوڊنٽ يونين بل 2019 منظور ڪري ورتو: سعيد غني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)) سنڌ ڪابينا شاگرد يونين جي بحالي جو بل سنڌ اسٽوڊنٽ يونين بل 2019 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي اسٽوڊنٽ يونين ڪنهن به تعليمي اداري، تعليمي تربيتي اداري چاهي اهو پبلڪ يا پرائيوٽ هجي بڻائي سگهي ٿو. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلا. اهڙين ڳالهين جو اظهار اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن بابت سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ سنڌ ڪابينا جو اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري، صوبائي وزير، صوبائي صلاحڪار، ۽ تمام لاڳاپيل آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ گذريل نڪتن جي منظوري، 2019.20 لاءِ ڪمند جا اگهه مقرر ڪرڻ، کنڊ برآمد ڪرڻ لاءِ 10.7 رپيا في ڪلو گرام سپورٽ فريٽ ڏيڻ تي غور، ٿر بلاڪ ون ۾ بجلي ۽ مائننگ جي ڪم لاءِ چائنا جي ڪمپني کي ليز ڏيڻ، ورڪس پرافيٽ پارٽيسپيٽ فنڊ ۽ ورڪس ويلفيئر فنڊ جي ڪجهه منصوبن لاءِ ٿر پاور ڪمپني لميٽيد کي ڇوٽ ڏيڻ تي غور عائشه گيس فيلڊ کان گولارچي تائين وفاقي حڪومت پاران گيس لائڻ وڇائڻ لاءِ اين او سي کي جاري ڪرڻ، ڪمپيوٽر آپريٽر، ڊيٽا انٽري آپريٽر ۽ ڊيٽا پروسيسنگ آفيسرن جي اپ گريڊيشن، اسٽوڊنٽ يونين بل تي خيالن جي ڏي وٺ موٽروهيڪل آرڊينينس ۾ ترميم، سنڌ مينٽل هيلٿ جي رولز تي غورسنڌ ڪابينا جي فنانس سب ڪميٽي جي سفارشن جي منظوري ۽ ڪابينا جي مختلف رپورٽون پيش ڪيون ويون. سعيد غني ٻڌايو ته اجلاس ۾ شاگرد يونين جي بحالي وارو بل 2019 منظور ڪندي طئي ڪيو ويو ته اسٽوڊنٽ يونين کي تعليمي سرگرميون روڪڻ يا اسٽوڊنٽ گروپ ۾ نفرت وڌائڻ قانون جي خلاف هوندو اسٽوڊنٽ يونين لاءِ اسحلو رکڻ اسحلي جو استعمال ڪرڻ يا تعليمي ادارن ۾ آڻڻ قانون جي خلاف هوندو. اسٽودنٽ يونين جو ڪم تعليم جو ماحول بهتر ڪرڻ، نظم و ظبط پيدا ڪرڻ، غير نصابي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻو هوندو، اسٽوڊنٽ يونين 7 کان 11 ميمبرن تي مشتمل هوندي اها يونين شاگرد چونڊ ڪندا اسٽوڊنٽ يونين جو ڪم سوشل ۽ اڪيڊمڪ ويلفيئر کي بهتر ڪرڻ هوندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *