ٻيهر چونڊن لاءِ اپوزيشن سان رابطو ڪري نئين حڪمت عملي جوڙي وڃي: نوازشريف

اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف سينئر پارٽي اڳواڻن کي هدايتون ڪندي چيو آهي ته هو اپوزيشن پارٽين سان مشورن کان پوءِ نين چونڊن لاءِ تياريون ڪن ۽ صاف شفاف، چونڊن لاءِ اپوزيشن سان ملي مختلف ايجنڊائن تي ڪم ڪيو وڃي ڇو ته موجوده نظام جي تحت نئين چونڊن مان ڪوبه فائدو نه ٿيندو.ٻئي آپشن جي طور تي ان هائوس تبديلي لاءِ اپوزيشن سان مشاورت ڪري حڪمت عملي طئي ڪئي وڃي. ذريعن موجب لنڊن ۾  ٿيندڙ مشاورتي اجلاس ۾ ئين چونڊن ۽ ان هائوس تبديلي جي آپشن تي غور ڪيو ويو. ليگي اڳواڻن جي اڪثريت نئين چونڊن جي بجاءِ ان هائوس تبديلي جي تجويز پيش ڪئي.جڏهن ته نوازشريف کين پهرين ترجيح جي طور تي نئين چونڊن جي لاءِ جدوجهد جي هدايت ڪندي  چيو ته پهرين ترجيح جي طور تي ان هائوس تبديلي جي آپشن تي ڪم ڪيو وڃي.نوازشريف خواجه آصف، پرويز رشيد، اياز صادق، احسن اقبال، رانا تنوير، امير مقام، خرم دستگير، مريم اورنگزيب ۽ شهباز شريف سان گڏ سياسي صورتحال تي  ڳالهين جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *