حڪومت کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو مديني جي رياست ٺاهي رهي آهي: نيب چيئرمين

اسلام آباد(بيورو)نيب چيرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته حڪومت ۽ وزيرن کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو مديني جي رياست ٺاهي رهيا آهن.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران نيب چيئرمين چيو ته مختلف شعبن ۾ ترقي جي باوجود ڪرپشن ۾ به ترقي ٿي. اقتدار جي حوس خاطر ملڪ ۾ عجيب وغريب تجربا ڪيا ويا. ڪرپشن جي خاتمي تائين ترقي جي سفر تي نٿو هلي سگهي. ڪرپشن جي مڪمل خاتمي جي دعويٰ نٿا ڪري سگهون. معاشري ۾ خوبصورت يا بدصورت شڪل ۾ ڪرپشن موجود آهي. ڪرپشن جو خاتمو صرف نيب نه پر هر شهري جي ذميواري آهي.نيب چيئرمين چيو ته نيب جي جنگ صرف ڪرپشن ناهي پر اسان جي جنگ نظام جي خلاف آهي، ڪنهن جي ڪفن ۾ کيسا ناهن هوندا. خود احتسابي جو عمل ڪو نئون تحفو ناهي. خود احتسابي سان تمام گهڻا نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. جاويد اقبال چيو ته بادشاهت ۽ شهنشاهيت ۾ احتساب جو ڪوبه تصور ناهي هوندو. عوامي مفادن کي نظر ۾ رکندي قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي. شاهه کان وڌيڪ شاهه جي وفادارن کي چوندس ته ملڪي مفادن کي نظر ۾ رکو اهي ڳالهيون صرف اقتدار جي حوس آهي.نيب چيئرمين چيو ته حڪومت نيب جي معاملن ۾ دخل اندازي ناهي ڪئي. هوائن جو رخ بدلجي رهيو آهي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ محسوس ڪنداسين ته بي آر ٽي ۽ مالم جبه ايراضي جي خلاف به ريفرنس تيار آهي. عدالتي حڪم جي ڪري بي آر ٽي پشاور منصوبي جي جاچ نٿا ڪري سگهون. عدالتي حڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ ايڪشن کنيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *