ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي چيو آهي ته پيپلز پارٽي ۾ فارورڊ بلاڪ ٺهي رهيو آهي، پي ٽي آءِ سندن ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هاڻي سنڌ جي وڏي وزير جو وارو آهي، کيس نه ڀڄڻ نه ڏينداسين. سنڌ ۾ ايماندار آفيسرز جي بدلي خلاف چيف سيڪريٽري ۽ وڏي وزير خلاف عدالت ۾ وينداسين. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت تي تنقيد ڪئي. سندس چوڻ هو ته جڏهن کان عمران خان جي حڪومت آئي آهي، تڏهن کان ڪو پيمپر ٻڌي رهيو آهي ته ڪو وري پرڏيهه فرار ٿي رهيو آهي، هاڻي شينهڙي به پرڏيهه ڀڄڻ جي تياري ڪري رهي آهي، هو مراد علي شاهه کي نٿا چون، پر هتي سڄو صوبو نامراد لڳو پيو آهي، سنڌ بئنڪ کي ڪنگال ڪيو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان واضح چيو آهي ته ڪنهن به ڪرپٽ ماڻهو سان رعايت نه ڪئي ويندي، بلاول جيڪڏهن شينهن هجي ها ته ڊيزل جي پويان نه لڳي آهي. فردوس شميم نقوي چيو ته کين خبر آهي ته پيپلز پارٽي ۾ روز ڌڙا ٺهي رهيا آهن، اُهي پاڻ آغا سراج کي غدار سڏيندا آهن ۽ کين پارٽي جي اجلاسن ۾ به نه گهرايو ويندو آهي. مراد علي شاهه جهڙو ناڪام ۽ ڪرپٽ ماڻهو صوبي ۾ نه آهي، پيپلز پارٽي ۾ ٺهندڙ فارورڊ بلاڪ جو پي ٽي آءِ ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ڏسڻ گهرجي، عمران خان ڪُرسي نه، ملڪ بچائڻ لاءِ نڪتو آهي. پريس ڪانفرنس دوران اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي سنڌ سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو ته صوبي ۾ ايماندار آفيسرز جي جبري بدلي خلاف چيف سيڪريٽري ۽ وڏي وزير خلاف عدالت سان رابطو ڪيو ويندو. وڏي وزير کي هڪ وفاقي وزير سان اکيون ملائڻ جي همت نه آهي ته وزيراعظم سان ڪيئن اکيون ملائي سگهندو؟ وزيراعظم دعوتنامو نه موڪليندو آهي، وڏي وزير کي ملاقات جي ضرورت آهي ته وزيراعظم کي خط لکي.