اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان سارڪ چارٽر ڊي تي پنهنجي پيغام م چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ ترقي جي برابر موقعن تي يقين رکي ٿو.رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان 35هين سارڪ چارٽر ڊي تي سارڪ ميمبر ملڪن جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن سارڪ ملڪن ڏکڻ ايشيا جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ چارٽر جوڙيو هو.هن چيو ته سارڪ چارٽر ڊي خطي جي قيادت مان غربت، جهالت ۽ بيمارين جي خاتمي جي عزم کي ياد ڏياري ٿو. گڏيل احترام ۽ هڪ ٻئي جي خود مختاري جو احترام ڪندي سارڪ جا ملڪ ترقي حاصل ڪري سگهن ٿا.عمران خان چيو ته پاڪستان سارڪ عمل کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ خطي ۾ ترقي جي برابر موقعن تي رکي ٿو.