ڪراچي(پ ر) آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن پاران ثقافتي تقريب ۾ ثقافتي صوبائي وزير سردار شاھ خطاب ڪندي چيو ت سنڌ اسان جي ماء آهي۔ سنڌ صدين کان قائم آهي ۽ رهندي۔ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر قاسم سومرو پنهنجي خطاب ۾ چيو ت اسان جي سنڌ هڪ آهي ۽ سنڌ جي ثقافت هڪ آهي۔ تقريب ۾ آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن جي صدر نياز احمد خاصخيلي چيو ت سنڌ اسان جي ماء آهي ۽ اسان پنهنجي ماء سان پيار ڪندا آهيون۔ آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن پاران سنڌي ثقافتي تقريب ۾ نياز احمد خاصخيلي سردار شاھ ۽ محمد قاسم سوري سومرو کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڊايا۔ تقريب ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن مان سوين شهرين صحافين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ مختلف فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ سنڌي ثقافت جا گيت ڳائي پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو۔ تقريب ۾ صحافين ارباب چانڊيو۔ امداد سومراھ۔ شبير لاشاري۔ عمران۔ ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔