صلاحڪارن ۽ معاونن جي مقرري وارا اختيار گورنر کان کسي وڏي وزير کي ڏيارڻ وارو بل پيش

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ صلاحڪارن ۽ خاص معاونن جي مقرري وارا مڪمل اختيار گورنر کان واپس وٺي وڏي وزير حوالي ڪرڻ وارو بل پيش ڪيو ويو، جيڪو اسپيڪر نظرثاني لاءِ قانون ۽ پارلياني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪري ڇڏيو، بل بابت ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته گورنر وفاق جو نمائندو آهي، آئيني طور صلاحڪار ۽ خاص معاون جي مقررين جا اختيار وڏي وزير کي حاصل آهن، ان ڪري اسان هي بل آڻي رهيا آهيون، انهي بل جي پاس ٿيڻ بعد وڏي وزير کي صلاحڪار ۽ خاص معاون مقرر ڪرڻ جا مڪمل آئيني اختيار ملي ويندا. ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي وارو بل ٻيهر پيش ڪيو ويو، جيڪو بل پڻ اسٽينڊگ ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو، ڄاڻايل بل سنڌ اسيمبلي اڳ ۾ به پاس ڪيو هو پر گورنر اعتراض هڻي واپس ڪيو، جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ پي ٽي آءِ ايم پي اي ڊاڪٽر سيما ضياءَ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي مقرري بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي سربراهه جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿيندي آهي پر هتي سڌي ريت مقرر ڪيو ويو. اهڙي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو چيو ته چيئرمين جي چونڊ بورڊ ڪندو آهي، بورڊ ۾ ٽوٽل 9 ميمبر آهن، جيڪي پاڻ مان ڪنهن هڪ کي چيئرمين چونڊيندا آهن. هي هڪ بااختيار ادارو آهي، ان ۾ حڪومت جو ڪو عمل دخل نه هوندو آهي. اسيمبلي اجلاس ۾ اوقاف کاتي بابت سوالن جوابن دوران نصرت سحر عباسي چيو ته اوقاف کاتو اهڙن درگاهن کي به فنڊ جاري ڪندو آهي، جيڪي کاتي جي ڪنٽرول ۾ ناهن، درگاهن جي پيتين مان پئسا چوري ٿين ٿا. پي ٽي آءِ ايم پي اي رابستان خان گلشن معمار ۽ ٻين علائقن ۾ نيڪاسي نظام بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. جنهن تي پارلياماني سيڪريٽري سليم بلوچ چيو ته ايم پي اي پنهنجون اسڪيمون حڪومت کان منظور ڪرائين، واٽر بورڊ پنهنجن وسيلن آهر ڪم ڪري رهيو آهي. اسپيڪر اجلاس 10 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *