جيڪب آباد (رپورٽ/يوسف رند) جيڪب آباد ۾ ووٽرس ڏهاڙي جي مناسبت سان ريلي ۽ ضلعي ڪائونسل ۾ تقريب، ڊي سي غضنفر علي قادري، اليڪشن ڪمشنر پرويز ڪلوڙ ۽ ٻين جو خطاب. تفصيل موجب جيڪب آباد ۾ ووٽرس ڏهاڙي جي مناسبت سان اليڪشن آفيس کان ڊپٽي ڪمشنر غضنفر علي قادري، ضلعي اليڪشن ڪمشنر پرويز ڪلوڙ، مختيارڪار غلام عباس سڌايو جي قيادت ۾ هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. جنهن ۾ آفيسر سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي ضلعي ڪائونسل پهتي جتي هڪ شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو هو جنهن کي ڊي سي غضنفر علي قادري، پرويز ڪلوڙ، سينئير صحافي عبدالرحمان آفريدي، ميڊم قمربانو، ديوآنند، عبدالحئي سومرو، جاويد ڪلوڙ، نديم بهراڻي، نصرالله سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته خانداني سياست جو خاتمو هاڻي وقت جي اهم ضرورت آهي. اها ووٽ سان ئي تبديلي آڻي سگهجي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجو شناخٽي ڪارڊ ٺهرايو ۽ ووٽ داخل ڪرائي ان جو استعمال ڪيو ۽ ووٽ جي درست استعمال سان ايماندار ۽ باصلاحيت نمائندا چونڊي سگهجن ٿا ان لاءِ ووٽ وجهڻ جو به موقعو ملي انهيءَکي ضايع نه ڪجي.