ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي بابت مهلي رٿ پيش ڪرڻ واري مامري تي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي تيز ٿي ويا، جڏهن ته ايوان ۾ دعا منگي بدران دعا ڀٽو جي اغوا جو ذڪر ٿيڻ تي ٽهڪڙا مچي ويا. صوبائي وزير امتياز شيخ ڏوراپو ڏنو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چوڻ تي چار آءِ جيز تبديل ٿيا، پر سنڌحڪومت جي چوڻ تي آءِ جي تبديل نٿو ٿئي. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيبملي جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي سنجي گنگواڻي طرفان چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو جون ڊائلاسز مشينون خراب هجڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، سندس چوڻ هو ته چانڊڪا ۾ 20 مشينز خراب آهن ۽ آر او سسٽم کي به انسٽال نٿو ڪيو وڃي، جنهن تي صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو ته اسپتال ۾ 12 پُراڻيون ڊائلاسز مشينز ڪم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته 14 مشينز خراب آهن، نيون مشينز به موجود آهن پر اُنهن لاءِ آر او پلانٽ ضروري آهي، جنهن تي ڪم جلد شروع ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ ايم پي اي جمال صديقي ڪراچي ۾ ڏوهه وڌي وڃڻ خلاف ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ۽ چيو ته ڏوهي وارداتون وڌڻ سان شهرن ۾ خوف پکڙيل آهي، هڪ سال دوران 15 هزار موبائيل فون ڦر ٿيا ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جا 7 هزار واقعا رپورٽ ٿيا آهن، شهر مان معصوم ڇوڪريون به اغوا ٿي رهيون آهن. ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائڻ دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي جي زبان ترڪي پئي ۽ دعا منگي بدران چيو ته دعا ڀٽو نالي ڇوڪري کي اغوا ڪيويو آهي، جنهن تي ايوان ۾ ٽهڪڙا مچي ويا. جنهن بعد ايم پي اي چيو ته دعا ڀٽو نه، دعا منگي اغوا ٿي آهي. هُن مطالبو ڪيو ته ٽارگيٽ ڪلر يوسف ٺيلهي واري جو وڏي وزير سان ملاقات بابت جيڪو بيان آهي، اُن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير امتياز شيخ عجيب منطق پيش ڪيو ۽ چيو ته ڪراچي وڏو شهر، تنهن ڪري ڏوهه جا واقعا پيش اچن ٿا، پراڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي ڏوهن تي ضابطو آيو آهي، جيڪڏهن پوليس جو ڪو آفيسر غلط ڪم ڪندو ته اُن کي سزا ملندي. وڏي وزير تي جيڪڏهن ڪي الزام لڳن ۽ اُن ۾ وري ڪو پوليس آفيسر ملوث هجي ته ڪارروائي ضرور ٿيندي. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب دوران صوبائي وزير امتياز شيخ ڏوراپو ڏنو ته پنجاب جي وڏي وزير جي چوڻ تي چار آءَ جيز تبديل ڪيا ويا آهن، پر سنڌ حڪومت جي چوڻ تي آءِ جي تبديل نٿو ٿئي. سنڌ اسيمبلي ۾ صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا ڪراچي ۾ پوليس ٿاڻا گهٽائڻ بابت پي ٽي آءِ ايم پي اي خُرم شير زمان جي مهملي رٿ جي مخالفت ڪئي، جنهن تي خُرم شير زمان چيو ته ڇا ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي جو وزير صاحب رٿ جي مخالفت ڪري ٿو.