ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ناظم آباد نمبر 3 مان هڪ نجي اسپتال جي ويجهو واقع پارڪ مان وڏي انگ ۾ انساني هڏيون هٿ آيون آهن.رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي ناظم آباد جي مشهور انو بهائي پارڪ جي کوٽائي دوران پارڪ مان انساني هڏا هٿ ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته پارڪ جي ڀرسان موجود اسپتال ۾ آپريشن دوران گڏيل ٿيل انساني گند کي زمين ۾ پوريو ويو هو. ناظم آباد نمبر 3 جي هڪ نجي اسپتال ڀرسان موجود انو ڀائي پارڪ ۾ کوٽائي دوران وڏي تعداد ۾ انساني هڏا هٿ ڪيا ويا آهن.پوليس دهشتگردي جي تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته اسپتالن ۾ ماڻهن جي آپريشنز جو گند ۽ باقيات آهي، جڏهن ته نجي اسپتال انتظاميا به اهڙي دعويٰ ڪري رهي آهي. ايس ايس پي سينٽرل عارف اسلم جو چوڻ آهي ته انو ڀائي پارڪ ۾ هن وقت گرين لائين بس سروسز جي حوالي سان کوٽائي جاري آهي، جنهن دوران مختلف هنڌن تي ڪپڙا پُراسرار رول ۽ ڳٺڙيون هٿ آيون آهن، ٺيڪيدار طرفان اطلا ڏيڻ بعد پوليس پهتي ۽ انساني هوڏا توڙي ڪپڙي جون ڳٺڙيون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون. انساني ڍانچو ناهي مليو.ايس ايس پي سينٽرل دعويٰ ڪئي آهي ته پارڪ مان ڪوبه انساني ڍانچو نه مليو آهي، ڪپڙي ۾ ويڙهيل جسم جا مختلف حصا ۽ ننڍڙي سائيز وارا هڏا هٿ آيا آهن، شروعاتي طور معائنو ڪرڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته اهو نجي اسپتال جو گند ڪچرو آهي، جيڪو آپريشن دوران گڏ ٿيو. پوليس جو چوڻ آهي ته پارڪ سان گڏ هڏن جي مشهور اسپتال موجود آهي، جنهن جي انتظاميا ماضيءَ ۾ مختلف آپريشنز دوران ڪٽيل انساني عضوا پارڪ ۾ ٺڪاڻي لڳائڻ جي تصديق ڪئي آهي.